جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ويجھو سيد اسماعيل شاھ جي سالياني عرس مبارڪ جي تقريب منعقد

سنڌي خبرون 06th Nov 2023 232 مناظر

اسان قلندري آھيون اسان جو اھو درس آھي ته پنھنجي دل صاف ڪيون: سيد غلام حيدر شاھ قلندري

نوشهرو فيروز (ڊر)سيد اسماعيل شاه جي سالياني عرس مبارڪ جي تقريب وڏي جوش جذبي سان زير نگراني سماجي۔ صوفياڻي ۽ روحاني جماعت انجمن غلامان قلندر ويلفيئر ۽ عادل اليڪٽرڪ جي ٿي گذري۔ عرس مبارڪ جي صدارت سيد غلام حيدر شاه قلندري جن ڪئي جنهن سيد اسماعيل شاه جي مزار تي چادر چاڙهي عرس جو افتتاح ڪيو۔ عرس ۾ آيل مھمانن کي نظير احمد خانزاده ۽ واجد قلندري قلندري لنگيون پارايون۔ ان موقعي تي سالياني جلسي کي خطاب ڪندي سيد غلام حيدر چيو ته اسان قلندري آھيون اسان جو اھو درس آ ته پنھنجي دل صاف ڪيون پنھنجي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڏسيل واٽ تي ھلو۔ هن چيو ته درود صلواتون پڙھو اجايو ڪمن ۾ پنھنجو وقت نه گذاريو پنھنجي اولاد کي تعليم پڙھايو رات جو جاڳي پنھنجي رب کي راضي ڪيو شيطاني ڪمن کان پاسو ڪيو۔ ڪهڙي به فرقي سان تعلق رکو پر سڀ کان اڳ انسانيت جي خدمت ڪيو۔ عرس جي موقعي تي لاهور کان آيل پاڪستان جي مشھور قوالين ۽ نعت خوانن حضورجي شان ۾ نعت شريف پڙھي محفل کي جھومائي ڇڏيو آخري ۾ دعائي خير ٿي جنھن ۾ ڪروڙين درود صلواتن جو نظرانو حضور صلعم جن جي عقيدت ۾ پيش ڪيو ۽ آيل مھمانن کي ننگر ڪرايو ويو۔ ان موقعي تي انجمن غلامان قلندر جي اڳواڻن واجد علي۔ آصف پيرزادو۔ امجد ميمڻ۔ استاد نظير۔ نويد علي ۽ ٻين عرس ۾ ايندڙ عقيدت مندن کي ڀليڪار ڪيو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ