اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ هيلٿ پروفيشنل پيراميڊڪس ايسوسيئيشن جي وفد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر سان ملاقات

سنڌي خبرون 05th Dec 2023 68 مناظر

نوشھروفيروز ۾ هيلٿ پروفيشنل پيراميڊڪس ايسوسيئيشن جي وفد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر سان ملاقات

نوشھروفيروز (ڊر) هيلٿ پروفيشنل پيراميڊڪس ايسوسيئيشن سنڌ جي وفد جي صوبائي صدر خادم حسين مستوئي جي اڳواڻيء ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر حسن جان چنگيزي سان ملاقات ڪري صحت کاتي جي سمورن پيراميڊيڪل ملازمن، ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف نرسز جون سنڌ سرڪار پاران بارش جي مد ۾ ڪٽيل پگهارون ڏيڻ جي اپيل ڪئي۔ جنهن تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر فوري طور واپس ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ڊسمبر جي پگهار ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو۔وفد ۾ صوبائي صدر کان علاوه فنانس سيڪريٽري محمد يونس وسڻ،ميڊيا ڪواڊينيٽر اعجاز ممنائي، ضلعي اڳواڻ اشرف قريشي، ڄام بشارت علي سهتو ۽ راهب علي تڳر شامل هئا۔ جڏهن ته صوبائي وفد رٽائرڊ ملازمن جي مشڪلاتن بابت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر کي آگاهه ڪيو جنهن تي ان چيو ته اسٽاف جي کوٽ سبب ڪجهه دشواريون سامهون اچي رهيون آھن منهنجي ڪوشش آھي ته ملازمن کي پريشانين کان بچائجي ۽ کين هر جائز سهولت ڏيڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيان۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ