اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهرو فيروز ڀرسان مڇر شهر واسي عورتن جو پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

سنڌي خبرون 01st Feb 2024 83 مناظر

نوشهرو فيروز ڀرسان مڇر شهر واسي عورتن جو پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

نوشهرو فيروز(ڊر) نوشهرو فيروز ڀرسان مچر شهر جون عورتون حفيظان وسطڙو سندس ڌيءُ سميرا ۽ سويرا پوليس جي ظلمن خلاف پاڪ ڪتاب کڻي نيشنل پريس ڪلب پهتيون جن ٻڌايو ته گذريل رات 4 وڳي ڌاري پوليس اسان جي گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪري اسان عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪري اسان جي مردن جاني وسطڙو، عديل وسطڙو، جاويد وسطڙو کي کنڀي کڻي گهر ۾ پيل روڪ روپيا ۽ سونا زيور به کڻي وئي پوليس جي ايڏي دھشتگرد ڪاروائي لاءِ اسان پوليس سان رابطو ڪيو جيڪي ڪجهه نه پيا ٻڌائين اسان کي شڪ آهي ته اسان جي مردن کي ڪوڙو ڊرامو ڪري ھاف ڦرائي ڪيو ويندو اسان جو آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز کي اپيل آھي ته اسان جا مرد آزاد ڪري کنيل پئسا سون ۽ سامان واپس ڏنو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ