ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ حاجي محمد ابراھيم ابڙو واسين جو بااثر خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 10th Nov 2023 92 مناظر

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ حاجي محمد ابراھيم ابڙو واسين جو بااثر خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(ڊر) ڳوٺ حاجي محمد ابراھيم ابڙو جي رھواسين زال، مڙس پنھنجي ڌيء سان گڏجي بااثر جي ظلم خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي نبي بخش ابڙو، زال فرزانه پروين ۽ ڌيء افروز دانھيندي چيو ته بااثر ڌر ممتاز ۽ سندس ڀائرن سان زمين جي مسئلي تي تڪرار ھلندڙ آھي جنھن کي بھانو بڻائي ڄاڻايل ڌر اسان جي مٿان انسانيت کان ڪريل الزام ھڻي رھي آھي ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جنھن سبب اسان جي زندگي کي خطرو آھي. ھنن چيو ته بااثر ڌر ڪوڙيون تهمتون لڳائي رھي آھي جن ۾ ڪابه صداقت ناھي. ھنن چيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ بااثر ڌر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ