ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ ڪووڊ ملازمن جو پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 28th Feb 2025 100 مناظر
نوشهروفيروز ۾ ڪووڊ ملازمن جو پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج

الطاف حسين چانڊيو، شمن بالادي، انيس علي عباسي، عبدالصبور، فهد ميمڻ ۽ ٻين احتجاج ڪيو

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڪوڊ ملازمن جو پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي الطاف حسين چانڊيو، شمن بالادي، انيس علي عباسي، عبدالصبور، فهد ميمڻ، محسن مڱريو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي ملازمن چيو ته چار سال گذري ويا آهن ڪووڊ ۾ پنهنجي زندگين جي پرواهه ڪرڻ بجاءِ انساني زندگيون بچائڻ لاءِ ڊيوٽي ڏني سين پر حڪمران اسان جو قدر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن هنن چيو ته گذريل 9 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن جنهن سبب اسان جي ذهنن ۾ بي چيني پکڙيل آهي هنن مطالبو ڪيو ته کين پڪو ڪري حڪومت جي مقرر ويج مطابق پگهارون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان به پنهنجي ٻچڙن سان سکي زندگي گذاري سگهون
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ