اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ ڊي سي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر علي شان اعواڻ پاران امدادي ڪيمپ جو دورو

سنڌي خبرون 11th Sep 2025 168 مناظر
نوشهروفيروز ۾ ڊي سي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر علي شان اعواڻ پاران امدادي ڪيمپ جو دورو

ڪئمپ ۾ متاثرين لاءِ صفائي، پاڻي ۽ رهائش جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

نوشهروفيروز (ڊ ر)اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهروفيروز علي شان اعواڻ اڄ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي هدايتن تي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مٺیاڻي ۾ قائم ٻوڏ متاثرین جي امدادي ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي مختيارڪار نوشهروفيروز وزير علي بیھڻ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ساڻس گڏ هئا. هن امدادي ڪئمپ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. هن ڪئمپ ۾ متاثرين لاءِ صفائي، پيئڻ جي پاڻي ۽ رهائش جي انتظامن جو جائزو ورتو. هن ڪئمپ ۾ قائم طبي ڪئمپ ۽ ويٽرنري ميڊيڪل ڪئمپ جو جائزو ورتو ۽ اتي ايندڙ مريضن ۽ موجود دوائن جو جائزو ورتو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ