نوشهروفيروز پوليس پاران 3 منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
ڪارروائي دوران مهراڻ عرف نومي ميمڻ، صابن ميمڻ ۽ عاقب شاهه گرفتار
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز پوليس جي وڏي ڪاروائي شهر جي مختلف علائقن ۾ منشيات جي اڏن تي ڇاپا , 3 منشيات فروش گرفتار ايس ايڇ او انسپيڪٽر محمد ابراهيم سومرو پوليس نفري ساڻ ڪري شاهي بازار ۽ ڪڪا شاه پاڙي ۾ ڪامياب ڇاپو هڻي ٽن منشيات فروشن مهراڻ عرف نومي ميمڻ , صابن ميمڻ ۽ عاقب شاه کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ايس ايڇ او محمد ابراهيم سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته شهر ۾ منشيات جو وڏو آزار هجڻ جون شڪايتون ملڻ تي ڇاپو هنيو ٽي منشيات فروش جيڪي شهرين لاء آزار بڻيل هيا انهن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتا آهن جن وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي آهي هن چيو ته شهر مان منشيات سميت سماجي براين جو خاتمو آڻڻ تائين چپ ڪري نه ويهبو