نوشهروفيروز ۾ يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر ۾ ڪشمير ڊي جي حوالي سان تقريب
سنڌ جو نوجوان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو آهي: رضوان علي ملاح
نوشهروفيروز (ڊ. ر) سنڌ حڪومت جي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽوريٽ آف يوٿ افيئرس پاران اڄ ڊي سي هائوس ويجهو يوٿ ڊيولپمينٽ سينٽر نوشهروفيروز ۾ "ڪشمير ڏينهن ۽ يڪجهتي واڪ" جو اهتمام ڪيو ويو . هي پروگرام راندين ۽ يوٿ افيئرس واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي بصيرت واري سوچ ۽ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس کاتي جي سيڪريٽري منور علي مهيسر جي خاص هدايتن تي منعقد ڪيو ويو. پروگرام جو آغاز تلاوتِ ڪلام پاڪ ۽ قومي تراني سان ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رضوان علي ملاح مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ تقريب جي مقصد تي روشني وڌي. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شھ رڳ آهي ۽ سنڌ جو نوجوان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو آهي ۽ سندس اخلاقي مدد ڪندو رهيو آهي تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر هيڊ ماسٽر ڪريم بخش سيال، پروفيسر جي ايم ڀٽي، مس تنزيلا ميمڻ ، مس زويا ۽ شاهد علي وسطڙو ڪشميرين جي جدوجهد تي روشني وڌي . هنن عالمي برادري ، خاص ڪري گڏيل قومن (UNO) تي زور ڀريو ته ڪشمير جو مسئلو ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪيو وڃي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ايشال ، عائشه ميمڻ ۽ زين شاهد وسطڙو پڻ اثرائتيون تقريرون ڪيون ۽ ڪشمير جي مقصد لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو.تقريب جي آخر ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن هٿ کڻي ڪشمير جي آزاديءَ ۽ ڀارتي ظالم فوج جي قبضي مان نجات لاءِ دعا گهري . اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رضوان علي ملاح پاران مهمانن ۽ نوجوانن ۾ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا.