ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين لاءِ انٽرويو وٺڻ جو عمل جاري

سنڌي خبرون 30th Apr 2026 326 مناظر
نوشهروفيروز ۾ هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين لاءِ انٽرويو وٺڻ جو عمل جاري

ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي هدايتن تي اميدوارن کان انٽرويو ورتا ويا

نوشهروفيروز (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي هدايتن تي گريڊ 1 کان 4 جي پوسٽن لاءِ انٽرويو ورتا ويا. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي ايس اينڊ جي ڊي جو سيڪشن آفيسر مزمل حسين، ايڪسس هاءِ ويز ڊويزن رفيق احمد سومرو، اطلاعات آفيسر عبداللطيف سولنگي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جو اي ڊي سفير الحسين ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. ان موقعي تي، ڊرائيور، ميڪينڪ، اسٽور ڪيپر، نائب قاصد، بيلدار ۽ چوڪيدار سميت ڪل 39 پوسٽن لاءِ 949 اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون هيون، جن لاءِ انٽرويو مرحلن وار ڪيا پيا وڃن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ