ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز مان نينگر مبينا طور اغوا، وارثن جو احتجاجي مظاهرو

سنڌي خبرون 25th Apr 2023 38 مناظر

شفقت کي پاڙيسري سمير لاشاري گهران ڪم سانگي سڏي ويو هو، جيڪو اڃا تائين گم آهي: وارث

نوشهروفيروز(رپورٽر) ڪاليج روڊ جو رھواسي نينگر مبينه طور غائب ٿي ويو آھي. نينگر شفقت کوسو 8 ڏينھن اڳ گھران نڪتو ته غائب ٿيو. نينگر جي مبينه اغوا خلاف والد ۽ متحد کوسه مومينٽ پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي والد شوڪت کوسو، کوسہ مومينٽ جي قادر بخش کوسو، احسان کوسو، منصور علي کوسو ۽ ٻين ٻڌايو تہ 8 ڏينھن نينگر شفقت کي پاڙي جو رھواسي سمير لاشاري ڪنھن ڪم لاءِ گھران سڏي وٺي ويو جيڪو اڃا تائين غائب آھي ۽ اسان کي پڪ آھي ته سمير لاشاري اسان جي نينگر کي اغوا ڪري غائب ڪري ڇڏيو آھي. اسان تمام گھڻي ڳولا ڪئي آھي پر اڃا تائين نينگر جو ڪاٿي به ڏس ناھي مليو ۽ سمير لاشاري جا مائٽ به ڳولا ۾ سھڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناھن ۽ نوشهروفيروز پوليس به رڳو اين سي داخل ڪئي آھي ۽ ڪيس داخل نه ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي ڳولا ۾ سھڪار ڪيو ٿو وڃي. ھنن چيو ته نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ٻيءَ صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ