منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ عورت جو ڌيءَ سميت مڙس خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 13th Jul 2025 204 مناظر
نوشهروفيروز ۾ عورت جو ڌيءَ سميت مڙس خلاف احتجاج

دلشاد ڳوراهو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي: شاهين ڳوراهو

نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز جي آصف ڪالوني جي رهواسڻ شاهين عرف ثمينه ڳوراھو مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته دلشاد ڳوراھو سان پسند جو پرڻو ڪيو جنهن مان هڪ نياڻي ثانيه جو اولاد آهي پر هو خرچ ڏيڻ بدران روزانو تشدد ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي چوي ٿو ته مونکي هن طلاق ڏئي ڇڏي آهي جيڪو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي هن چيو ته گذريل ڏينهن دلشاد مونسان ٺاھ ڪري وري بيان ڏنو آهي ته مونسان هن جو ڪو به واسطو ناهي ۽ نه ئي منهنجي ڌيءَ ثانيه کي پنهنجو ڪري ٿو جيڪا سندس ئي ڌيءَ آهي هو مائٽن جي چوڻ تي مونکي دربدر ڪري ڇڏيو آهي مان اڪيلي ڌيءَ سميت ڪيئن گذر ڪندس هن جي ڪري مون پنهنجا مائٽ به ڇڏي آيس پر مڙس به پنهنجو نه ٿو ڪري هن سيشن جج نوشهروفيروز، ايس ايس پي نوشھروفيروز کي اپيل ڪئي ته مڙس خلاف قدم کڻي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ