ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ صحافي جان محمد مھر ۽ فاطمه ڦرڙو جي قتل وارن واقعن خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 31st Aug 2023 319 مناظر

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شاخ پاران پريس ڪلب آڏو شھيدن جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاريا ويا

نوشهروفيروز(ڊ ر) سکر جي سينئر صحافي جان محمد مھر ۽ راڻيپور ۾ پيرن ھٿان بي دردي سان قتل ڪيل نياڻي فاطمه ڦرڙو جي قتل خلاف سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شاخ نوشهروفيروز پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو شھيدن جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاريا ويا. ان موقعي تي سگا اڳواڻن اعظم عالماڻي، زاھد راڄپر، سيد ظفر علي شاھ، حسين سومرو، نور راڄپر، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر مظھر خاصخيلي، امام بخش مشوري، جاويد ڀرٽ، ستار عمراڻي، ذوالفقار راڄپر ۽ ٻين چيو ته سينئر صحافي جان محمد مھر کي حق ۽ سچ لکڻ جي سزا ڏني وئي آھي جڏھن ته راڻي پور جي پيرن نياڻي فاطمه تي تشدد ڪري انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن. ھنن چيو ته شھيد صحافي جان محمد مھر ۽ شھيد نياڻي فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا سزا ڏني وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ