ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ سينٽر فار ھيومين رائٽس پاران انساني حقن جي جاڳرتا بابت سيشن ڪوٺايو ويو

سنڌي خبرون 18th Oct 2023 91 مناظر

عوام تعليم جھڙي بنيادي حق کان محروم آھي اسڪولن اندر سھولتو ن ھجڻ برابر آھن: آرگنائيزر امير راڄپر

نوشھرو فيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز۾ سينٽر فار ھيومين رائٽس پاران انساني حقن جي جاڳرتا بابت سيشن ڪوٺايو ويو جنھن ۾ شھر جي معزز شخصيتن استادن شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي سيشن ۾ انسانن جي بنيادي حقن کي اجاگر ڪيو ويو پروگرام جي آرگنائزر امير راڄپر چيو ت عوام تعليم جھڙي بنيادي حق کان محروم آھي اسڪولن اندر سھولتو ن ھجڻ برابر آھن ثانيه سمون چيو ت اسان وٽ مينارٽي جي حقن کي وڏي پئماني تي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي سندن عبادت گاھن تي سرعام حملا ڪيا وڃن ٿا جيڪا سراسر ناانصافي ۽ غير قانوني عمل آھي سيشن ۾ معزز استاد عظيم کوسو احتشام سمون نساء لاڙڪ زويه لاڙڪ وحاب کوکر سميت شھرين شرڪت ڪئي .
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ