ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز: روهڙي ڪئنال جي ڪپ تي حضرت خواجه خضر عه جي جي ڏهاڙي تي پروگرام منعقد

سنڌي خبرون 05th Jan 2026 310 مناظر
نوشهروفيروز: روهڙي ڪئنال جي ڪپ تي حضرت خواجه خضر عه جي جي ڏهاڙي تي پروگرام منعقد

اهڙيون روحاني تقريبون سماج ۾ محبت، ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام ڏين ٿيون: مقرر

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ويجهو روهڙي ڪئنال جي ڪپ تي حضرت خواجه خضر عليه السلام جي ڏهاڙي جي موقعي تي هر سال وانگر هن سال به فقير سليمان راڄپر جي اهتمام هيٺ روحاني ۽ مذهبي پروگرام منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ عقيدتمندن شرڪت ڪئي ۽ حضرت خواجه خضر عليه السلام جي شان ۾ نعتون، منقبتون ۽ ذڪر فڪر ڪيو ويو.پروگرام ۾ خاص مهمانن طور سيد سائين علي بخش جا نياڻا، فقير فرهاد علي، فقير سڪندر حڪيم جن خصوصي شرڪت ڪئي ۽ راجڪمار، سومر اوڏ، دليش ڪمار، نصير فقير علي راڄپر، عطا محمد ۽ صوبو شريڪ ٿيا، جن تقريب کي پنهنجي موجودگي سان عزت بخشي. آخر ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، امن ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي، جڏهن ته مهمانن فقير سليمان راڄپر جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون روحاني تقريبون سماج ۾ محبت، ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام ڏين ٿيون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ