ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز جي ڊگري ڪاليج ۾ اين سي ايل ڪرڪيٽ سپر ليگ جا مقابلا جاري

سنڌي خبرون 11th Nov 2024 77 مناظر
نوشهروفيروز جي ڊگري ڪاليج ۾ اين سي ايل ڪرڪيٽ سپر ليگ جا مقابلا جاري

ٿنڊر ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ کنئي، ينگ فائٽر مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 234 رنسون ٺاهيون

نوشهروفيروز (اسپورٽس نيوز) نوشهروفيروز جي ڊگري ڪاليج گرائونڊ تي اين سي ايل NCL ڪرڪيٽ سپر ليگ سيزن جون ميچون جاري۔ ليگ جي پهرين ميچ ۾ ٿنڊر ٽيم ينگ فائٽرس کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي۔ ٿنڊر ٽيم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جنهن تي ينگ فائٽر مقرر اوورن 6 وڪيٽن جي نقصان تي 234 رنسون ٺاهيون۔ حسن آرائين 82۔ فتح ڄامڙو 30۔ معظم لغاري 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا زوهيب لاڙائي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔ جواب ۾ ٿنڊر ٽيم جي رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي مليل ٽارگيٽ 19 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو۔ علي رضا 50۔ سمي لاڙڪ 48 بلال ميمڻ 45 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري۔ مئچ جو مهمان خاص سيد ناد علي شاه اسسٽنٽ ڪمشنر سائوٿ ڪراچي هئا جنهن کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي اجرڪ پارائي وئي۔ جڏهن ته سيد اظفر شاه۔ جڙيل رند۔ صدام شاه۔ سهيل احمد راڄپر۔ ٽورنامينٽ آرگنائيزر ڪميٽي جا اڳواڻ سيد ٻڍل شاه ۽ شاهد آرائين پڻ فاتح ٽيم ۾ انعام ورهايا۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ