جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز جي علائقي نانگو شاهه ويجهو سنڌ پنجاب ڪبڊي ٽورنامينٽ جو فائينل

سنڌي خبرون 31st Oct 2023 304 مناظر

سنڌ جي ٽيم پنجاب جي ٽيم کي ٽن پوائنٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جو فائنل کٽي ورتو

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز جي علائقي نانگو شاهه ويجهو راڻو خان مري طرفا 4 ڏينهن وارو سنڌ پنجاب ڪٻڊي ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو. سنڌ جي ٽيم پنجاب جي ٽيم کي ٽن پوائنٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جو فائنل کٽي ورتو. ٽورنامينٽ جو فائنل ڏسڻ لاءِ مداحن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته نوشهروفيروز ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين سهيل اختر عباسي۔ اڳوڻي پ پ ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو جو فرزند امجد علي چانڊيو۔ ايڊووڪيٽ رئيس نواب خان مري ٽورنامينٽ جا مهمان خاص هئا۔ ان موقعي تي ڪٻڊي ٽورنامينٽ کٽيندڙ ٽيم کي انعام سان نوازيو ويو ۽ رانديگرن فائنل کٽڻ تي پنهنجي ڪاميابي جو جشن ملهايو. ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر راڻو خان ​​مري ٽورنامينٽ ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ