نوشهروفيروز جو مزاحمتي ڪردار ۽ صحافي محمد قاسم اسراڻ دل جو دورو پوڻ سبب فوت
محمد قاسم اسراڻ کي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو
نوشھروفيروز (ڊ ر) نوشھروفيروز جو مزاحمتي ڪردار سينئر صحافي محمد قاسم اسراڻ اوچتو دل جو دورو پوڻ ڪري نوشھروفيروز جي سول اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو۔ مرحوم جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ خدا بخش اسراڻ ۾ ادا ڪئي وئي۔ مرحوم جي نماز جنازه ۾ هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن سميت قلم ڌڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ هوڏانهن پريس ڪلب نوشھروفيروز جي صدر ممتاز سولنگي۔ مشتاق مري۔ ساگر يوسف منگي۔ يونس راڄپر۔ خادم سيال۔ ڪامريڊ مسرور چانڊيو۔ عطا حسين سمون۔ عرفان ميمڻ۔ سهيل احمد راڄپر ۽ ٻيا تڏي تي پهچي مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو۔ ان موقعي تي قلم ڌڻين جو چوڻ هو ته قاسم اسراڻ هڪ جاکوڙي ڪردار هيو جنهن پنهنجي سڄي عمر صحافت کي ارپي ڇڏي۔ مظلوم طبقي لاء سندن ڪيل ڪاوشون هميشھ ياد رهنديون۔