پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ جسقم جي سڏ تي قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاج

سنڌي خبرون 01st Jul 2025 134 مناظر
نوشهروفيروز ۾ جسقم جي سڏ تي قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاج
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ جسقم صنعان جي سڏ تي ڪارڪنن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج ضلعي صدر فيصل مستوئي، عزيز ڀنگوار ۽ ٻين ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي امام علي عرف هيرو ڀنگوار۔ اطھر کرل. علي رضا خاصخيلي. وسيم راڄپر. رضوان وسطڙو. حاجي گانگھرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ به هتي ڏوھ بڻجي ويو آهي هڪ طرف قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا ته ٻئي طرف قومي ڪارڪنن کي رات جي تاريخي ۾ کنڀي غائب ڪيو وڃي ٿو جن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ