اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

نوابشاهه جي جوڙي نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 01st Jun 2026 164 مناظر
نوابشاهه جي جوڙي نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو

فرمان سيال ۽ زاهده ڀٽ عدالت ۾ پرڻي بعد تحفظ جي اپيل ڪئي

نوشهروفيروز (ڊر)نوابشاه جي نوجوان جوڙي فرمان علي ولد حبدار علي سيال ۽ زاھده ڌيءَ نبي بخش ڀٽ نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي۔ بعد ۾ شادي شده جوڙو پريس ڪلب نوشهروفيروز پهتو، جتي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هنن شريعت محمدي ﷺ موجب نڪاح ڪيو آهي۔ جوڙي جو چوڻ هو ته نينگري جا ڀائر عدنان، نظر محمد ۽ علي رضا سميت ٻيا مائٽ کين جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن۔ شادي شده جوڙي سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته کين ۽ فرمان علي جي گهرڀاتين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيئن هو پنهنجي زندگي پرامن نموني گذاري سگهن۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ