اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

نصيرآباد ڀرسان ڄاڃين جي ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، 3 ڄڻا فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي

سنڌي خبرون 31st Dec 2023 110 مناظر

نصيرآباد ڀرسان ڄاڃين جي ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، 3 ڄڻا فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي

نصيرآباد ڀرسان چنهڙ لاڙ وٽ انڊس هاء تي بنگلديرو کان ڪراچي ويندڙ ڄاڄين جي ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي آهي جنهن سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن انهن ۾ جاويد علي چوهاڻ نجيب علي چوهاڻ ۽ محمد شهريار شامل آهن جڏهن ته 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن انهن کي ايمرجنسي واري حالت ۾ نصيرآباد اسپتال پهچايو ويو آهي ۽ لاش به نصيرآباد اسپتال پيل آهن، جڏھن ته پي پي ايڇ آء جي عملي طرفان زخمين جو علاج ڪيو پيو وڃي، فوتين ۽ زخمين جي وارثن ٻڌايو ته اسان ڪراچي کان بنگلديرو شادي لاء ويا هياسين ۽ بنگلديرو کان واپسي ڪراچي وڃي هياسين ڪوچ ڪلٽي ٿيو آهي جنهن ۾ 3 ماڻهو فوت ٿيا آھن ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿيا آهن هوڏانهن شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آھن،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ