ميهڙ ويجهو حاضري تان واپس ويندڙ هڪ ڄڻو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل
پوليس جي حدبندي تڪرار سبب مقتول جو لاش ٻن ڪلاڪن تائين نٽهڻ اس ۾ پيل رهيو
ميھڙ ڪورٽ ۾ حاضري ڏئي ڳوٺ ويندڙ نوجوان قتل، پوليس جي حد جي تڪرار سبب لاش 2 ڪلاڪ تائين واقعي واري ھنڌ پيل رهيو، ميھڙ ڪورٽ مان حاضري ڏئي واپس گھر ويندي ٻيٽو روڊ تي تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ رانجھو خان شر واسي 55 ورھين جو خير محمد شر مارجي ويو، اطلاع ملندي ئي وارث ۽ علائقي واسي واقعي واري ھنڌ پھتا جڏھن تہ راڌڻ ۽ ميھڙ پوليس حد جي تڪرار سبب ٻن ڪلاڪن تائين لاش واقعي واري ھند نٽھڻ اس ۾ پيل رھيو وارثن جي احتجاج بعد ميھڙ بي سيڪشن پوليس لاش تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو، مقتول جي پٽ ڄام خان شر ۽ وارثن ٻڌايو تہ خير محمد کي غلام محمد، بگن، معشوق جلباڻي سميت 8 کان وڌيڪ ھٿياربندن بيھاري سڌيون گوليون ھڻي قتل ڪيو آهي. بي سيڪشن پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني سبب پيش آيو آھي پوليس موجب مقتول خير محمد شر ميھڙ ڪورٽ ۾ پيشي بعد واپس ڳوٺ وڃي رھيو ھو ته ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آھي پوليس موجب مياڻي جي ڳوٺ جا جلباڻي ۽ شر برادري جو پراڻو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ آھي اطلاع آھن ته ڪجھ وقت اڳ خير محمد شر جي ڀاڻج سان جلباڻي برادري جي ھڪ ناري گھران نڪري وئي آھي جنھن بعد تڪرار سبب ناري واپس ڪرائي وئي ھئي واقعي بعد جلباڻي برادري جي ھٿياربندن قتل ڪيو آھي ايس ايڇ او بي سيڪشن موجب وارثن جي چوڻ موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ واقعي جي شفاف جانچ ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو