ميرپورخاص ۾ سينئر صحافي جان محمد مھر جي قتل خلاف احتجاجي ريلي
ايوان صحافت جي سرپرست ھاشم شر ۽صدر فضل شر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
سکر ۾ سرعام سينئر صحافي جان محمد مھر کي قتل ڪيو ويو، پوليس ڪا ڪارروائي ناھي ڪئي: قلم ڌڻي
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سکر جي سينئير صحافي جان محمد مھر جي قتل خلاف ايوان صحافت ميرپورخاص پاران احتجاجي ريلي ۽ مظاھرو، مظاھرين ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ۽ ھٿن ۾ احتجاجي پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي سکر جي شھيد سينيئر صحافي ۽ نجي ٽي وي چئنل جي رپورٽر جان محمد مھر جي دھشتگردن ھٿان قتل خلاف صحافي برادري سراپا احتجاج بڻيل آھي ايوان صحافت جي سرپرست ھاشم شر ۽صدر فضل شر اڳواڻي ۾ اسٽيشن چوڪ کان ايوان صحافت تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ ريلي ڪڍي ايوان صحافت آڏو مين اسٽيشن روڊ تي ڌرڻو ھڻي جان محمد مھر جي قتل خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل ھئا جن تي شھيد جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪريو ۽ سنڌ جي صحافين کي تحفظ ڏيو جا نعرا لکيل ھئا احتجاج ۾ اي ڪي فائونڊيشن جي اظھر ڪاشف ، سنڌ صحافي سنگت سميت ايوان صحافت جي فلڪ شير ، اظھر چڍڙ ، راجا راشد ، خيرالدين چانڊيو ، نثارشيخ ، صحافي يونس چانڊيو ، محبوب عالم ، جيئرام ديا ، طارق پنھور ، پرويز ڪوري ياسر بلوچ ، شرڪت ڪئي ان موقعي تي صحافين احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ جي صحافين کي حق ۽ سچ لکڻ تي سرعام قتل ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪنھن به صورت ۾ قابل قبول ناھي ھنن چيو ته سکر ۾ سنڌ جي دلير صحافي جان محمد مھر کي سرعام شھيد ڪيو ويو پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل رھي، پوليس پنھنجي نااھلي لڪائڻ خاطر ان کي قبائلي جھيڙي جو رنگ ڏيئي پاڻ کي ذميواري کان آجو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي ھنن چيو ته ايوان صحافت ميرپورخاص ھن ڏک جي گھڙي ۾ شھيد جان محمد مھر جي پونيئرن سان گڏ بيٺل آھي، ھنن حڪومت سنڌ کان گھر ڪئي آھي ته شھيد جان محمد مھر جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي ۽ پونيئرن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو