ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ميروپورساڪرو واسي نوجوان جو گلشن حديد ويجهو وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ

سنڌي خبرون 17th Mar 2025 95 مناظر
ميروپورساڪرو واسي نوجوان جو گلشن حديد ويجهو وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ
ملير (رپورٽر) ساڪري واسي نوجوان غربت کان تنگ ٿي گلش حديد ويجهو پاڻ کي وڻ ۾ ٻڌي ڦاهو کاهي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو ، گهر ۾ روڄ راڙو، روزگار ناهي بچن کي بکيو نٿو ڏسي سگھان زندگي مان بيزار آهيان آپگهات ڪندس اڪثر ايئن چوندو هو خبر نه هئي ته انتهائي قدم کڻندو زال تفصيل موجب ساڪرو واسي پورهيت فضل گبول پٿ محمد گبول گذريل ڏينهن گلشن حديد ويجهو شام ڌاري غربت کان تنگ ٿي پاڻ کي وڻ ۾ ٻڏي آپگهات ڪري ڇڏيو ماڻهن وڻ ۾ ٽنگيل لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مڙھ جناح اسپتال منتقل ڪيو ان سلسلي ۾ فوتي جي زال ٻڌايو ته انتهائي غربت واري زندگي گهاري رهيا هئاسين بدحالي سبب گهر ۾ اڪثر کائڻ لاءِ ڪجھ نه هوندو هو مڙس ٻچڙن کي هن حال ۾ ڏسي پريشان ٿي ويندو هو ۽ چوندو روزگار ناهي بچن کي بکيو نٿو ڏسي سگھان زندگي مان بيزار آهيان آپگهات ڪري پنهنجو انت آڻيندس خبر نه هئي ته انتهائي قدم کڻي اسان کي بي يارو مدد گار ڇڏي ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ