موھن جو دڙو ويجھو پوليس جي ڪارروائي، پئٽرول پمپ ملازم سميت 3 ڄڻا گرفتار
موھن جو دڙو ويجھو پوليس جي ڪارروائي، پئٽرول پمپ ملازم سميت 3 ڄڻا گرفتار
موهن جو دڙو(رپورٽر) ائيرپورٽ پوليس جي ڪاروائي، سوهو پئٽرول پمپ تان ڦر ٿيل 30 لکن مان ساڍا 5 لک رپيا برآمد ڪري ورتا، پئٽرول پمپ ملازم سميت 3 ڄڻا گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. خبر موجب موهن جو دڙو ڀرسان 2 هفتا اڳ سوهو پئٽرول پمپ تان هٿياربندن طرفان 30 لک رپيا ڦر ڪيل رقم واري واقعي تي ايئرپورٽ پوليس ڳوٺ منڱياڻي تي ڇاپو هڻي پئٽرول پمپ ملازم آفتاب جوڻيجو سميت 3 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن. پوليس جي دعويٰ موجب هنن گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان قر ٿيل رقم مان ساڍس 5 لک رپيا پڻ برآمد ڪري ورتا آهن. جيڪي پئٽرول مالڪ حوالي ڪيا ويندا. پوليس وڌيڪ رقم هٿ ڪرڻ لاء ڇاپا هڻي رهي آهي.