جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

موھن جو دڙو ويجھو شادي نه ٿيڻ تان نوجوان پاران مبينا آپگھات

سنڌي خبرون 02nd Jun 2024 330 مناظر

موھن جو دڙو ويجھو شادي نه ٿيڻ تان نوجوان پاران مبينا آپگھات

موهن جو دڙو(رپورٽر) موهن جو دڙو ڀرسان فتح پور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ علي شير ڪلهوڙو جي رهواسي 25 سالن جي نوجوان الطاف ڪلهوڙو پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان گهر ڀاتين کان ناراض ٿي پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آھي، اهڙو اطلاع فتح پور پوليس کي ڏنو ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو. جتي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن فتح پور پوليس جو چوڻ آهي تہ هنن نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب هو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن. فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪُهرام مچي ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ