ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

مورو ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ٽيجهي جي موقعي تي ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلس عزا برپا

سنڌي خبرون 08th Jul 2025 296 مناظر
مورو ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ٽيجهي جي موقعي تي ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلس عزا برپا

مرڪزي امام بارگاهه حسيني مان ماتمي جلوس علم ۽ مشڪيزہ حضرت غازي عباس ع سان برآمد ڪيو ويو

مورو (جاني جماڻي) مورو جي مرڪزي امام بارگاهه حسيني مان امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثارن جي ٽيجھي جي موقعي تي آلين اکين سان ماتمي جلوس علم ۽ مشڪيزہ حضرت غازي عباس ع سان برآمد ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي انجمن حسيني جو صدر ڊاڪٽر سيد سجاد حيدر شاھ، سيد جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، سيد گلڻ شاھ، شوڪت علي سرھيو، غلام سرور سرھيو، سيد نذير علي شاھ، محمد صالح ٻرڙو، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا جڏھن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ سبيلن جو پڻ اهتمام ڪيا ويا ھئا ماتمي جلوس پنھنجن گذر گاھن کان ٿيندو شھر جي مختلف علائقن اندر پڙن تي پھچي نوحه خواني تي سينازني ڪئي وئي جنھن ۾ سوين مومنين موجود ھئا ٻي طرف شھر ۾ مجلسون پڻ منعقد ڪيون ويون جنهن ۾ عالمن خطاب ڪندي خاندان رسالت، ڪربلا جي شهيدن پاران اسلام جي سربلندي لاءِ ڏنل عظيم قرباني تي روشني وڌي ۽ اھلبيت اطھار تي ٿيندڙ ظلم جا داستان بيان ڪيا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ