ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

مورو ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج

سنڌي خبرون 05th Nov 2023 95 مناظر

قاضي احمد واسڻ ماروي بالادي ۽ عمران جسڪاڻي احتجاج ڪيو

مورو(رپورٽر) قاضي احمد جي رهواسڻ ناري ماروي بالادي نوجوان عمران علي جسڪاڻي سان عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي جنهن بعد پسند جي شادي ڪندڙ ناري ماروي بالادي مڙس عمران جسڪاڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته منهنجا مائٽ منھنجي ٻئي ھنڌ شادي ڪرائڻ چاھين پيا جيڪا ڳالھ موکي پسند نہ ھئي جنهن کانپوءِ مون پنهنجي مرضيءَ سان گهران نڪري عمران علي جسڪاڻي سان ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي آهي ۽ پنھنجي زندگي گذارڻ چاھيان ٿي پر منھنجا والدين، چاچا، ماما، ڀائر ۽ ٻيا مٽ مائٽ منھنجا منھنجي مڙس ۽ ان جي مائٽن جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن ۽ اغويٰ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڦاسائڻ چاھين ٿا ۽ ڪارو ڪاريءَ جي الزام ھيٺ قتل ڪرڻ چاھين پيا ۽ اسان کي انھن مان جان جو خطرو آھي، هن اعلىٰ حڪام وزير اعلى سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کان مدد جي اپيل ڪندي گهر ڪئي ته اسان کي ڪارو ڪاريءَ جي الزام ۾ قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ