پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

مورو پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر خدا بخش ميمڻ جي سالگرھ تقريب منعقد

سنڌي خبرون 07th Nov 2024 238 مناظر
مورو پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر خدا بخش ميمڻ جي سالگرھ تقريب منعقد

خدا بخش ميمڻ کي اجرڪن جا تحفا گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني وئي

مورو (جاني جماڻي) مورو پريس ڪلب جي سابق صدر سينئر صحافي خدا بخش ميمڻ جي سالگرھ جي تقريب نواب علي اصغر ڪورائي پاران پريس ڪلب مورو ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ صحافين شرڪت ڪئي ان موقعي تي تاڙين جي گونج ۾ خدا بخش ميمڻ کي اجرڪن جا تحفا گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني وئي ۽ ڪيڪ ڪاٽيو ويو هن تقريب ۾ سينئر صحافين جماڻي بخشل احمد حافظ عبدالحق پنھور، محمد اسحاق ڪورائي، ، محمد سومر سولنگي، محمد بخش عالماڻي، لطف الله عباسي،علي گوهر ڏاهري جاني جماڻي وحيد رزاق مستوئي، ظفرالحق پنھور، رياض حسين عالماڻي، محمد اعظم ڪورائي، خضر حيات، رميز سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي جتي هنن چيو ته مورو پريس ڪلب جي سابق صدر ۽ سينئر صحافي خدا بخش ميمڻ جون صحافت ۾ تمام گھڻيون خدمتون آھن، هن جي سالگره ملهائي خوش ٿي رهيا آهيون هنن چيو تہ مورو پريس ڪلب جي ترقي تعمير سونهن سڌاري بهتري لاءِ سندس والد ۽ پاڻ بہ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي، ھن ھميشھ سچائي ۽ سڀني سان محبت وارو رويو رکيو آھي اهو ئي سبب آهي صحافين سميت هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو سندس کي جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا ۽ محبت جو اظهار ڪن ٿا ھن موقعي تي سمورن دوستن طرفان وڏي حياتيءَ صحت لاءِ دعائون ڏنيون ويون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ