ملڪ کي ٻاھرين ڊڪٽيشن تي بدران آزاد ۽ خودمختيار پاليسن تحت ھلايو وڃي: پليجو
پاڪستان کان گھٽ وسيلن وارا ملڪ بہ بھتر معاشي پاليسين جي ڪري ترقي ڪري رھيا آھن
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين ۽ آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي ھلڻ جي سزا ملڪ جو عوام ڀوڳي ٿو. ملڪ کي ٻارھين ڊڪٽيشن تي بدران آزاد ۽ خودمختيار پاليسن تحت ھلايو وڃي پاڪستان کان گھٽ وسيلن وارا ملڪ بہ بھتر معاشي پاليسين جي ڪري ترقي ڪري رھيا آھن، اسان وٽ قدرتي نعمتن باوجود ڪروڙين عوام بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آھي۔ چند ماڻھن کي دولتمند بنائڻ لاء ڪروڙين عوام کي غربت جي حوالي ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھي وقت گھر ويٺي تنقيدون ۽ تبصرا ڪرڻ ۽ تصوراتي مشورا ڏيڻ جو نہ پر ھر قومي درد رکندڙ، مرد توڙي عورت جي نشانبر ٿي، اعتماد ۽ جرئت سان اڳتي اچڻ جو آھي، ٻي صورت ۾ پنھنجو، پنھنجي بقا، وسيلن ۽ وجود جو قومي گھيرو وڌيڪ تنگ ۽ خطرناڪ ٿيندو ۽ اڳتي ھلي وڏو ۽ تاريخي نقصان ٿي سگھي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي درپيش خطرن کي منھن ڏيڻ جو اھم ترين طريقو اھو آھي تہ سمورين رڪاوٽن ۽ مجبورين جي گھيري کي ٽوڙي، ھيٺين وچولي طبقي، پورھيت طبقي، مڊل ڪلاس، آبادگارن، واپارين، ريٽائرڊ ملازمن، پروفيشنلز، شاگردن ۽ نوجوانن مان دلير، باصلاحيت، ايماندار ۽ مستقل مزاج فرد اڳتي اچي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جي خواب کي ساڀيا ڪن.