ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير سٽي ۾ بجلي بندش خلاف رهواسين جو احتجاج، ڌرڻي جو چتاءُ

سنڌي خبرون 01st Jun 2026 187 مناظر
ملير سٽي ۾ بجلي بندش خلاف رهواسين جو احتجاج، ڌرڻي جو چتاءُ

ريلوي ڪالوني، بلال پلازه، صديق اڪبر، گلشن قادري، گلشن يوسف ۽ مگسي ڳوٺ جي رهواسين احتجاج ڪيو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير سٽي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي بندش ۽ لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين سخت احتجاج ڪري قومي شاهراهه تي نعرابازي پڻ ڪئي وئي.احتجاج ڪندڙن ۾ ريلوي ڪالوني، بلال پلازه، صديق اڪبر، گلشن قادري، گلشن يوسف ۽ مگسي ڳوٺ سميت مختلف علائقن جا شهري شامل هئا. مظاهرين ڪي اليڪٽرڪ آفيس آڏو گڏ ٿي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي ۽ آفيس بند ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد پوليس به پهچي وئي. مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب علائقي ۾ سخت پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته شديد گرمي سبب ماڻهو بيهوش ٿيڻ جا واقعا به پيش اچي رهيا آهن.احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن بجلي فوري طور بحال نه ڪئي وئي ۽ لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي وئي ته ملير پندرهن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ