اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير سان تعلق رکندڙ نوجوان جرمني مان ماسٽرز مڪمل ڪري ورتو

سنڌي خبرون 08th Jan 2026 188 مناظر
ملير سان تعلق رکندڙ نوجوان جرمني مان ماسٽرز مڪمل ڪري ورتو

اسد اقبال بلوچ جرمني جي نامياري يونيورسٽي برلينر هوخشولي فئر ٽيڪنڪ مان ماسٽرز ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)حاجي مراد جعفر ڳوٺ، ديھه ٿاڻو سان تعلق رکندڙ نوجوان اسد اقبال بلوچ جرمني جي نامياري يونيورسٽي برلينر هوخشولي فئر ٽيڪنڪ مان آفتھلمالاجي ۾ ماسٽرز ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي آهي۔اعليٰ تعليم جي تڪميل تي علائقي ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي آهي، جڏهن ته علائقي واسين، استادن ۽ سماجي اڳواڻن اسد اقبال بلوچ کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي۔ هن ڪاميابي کي علائقي جي نوجوانن لاءِ هڪ روشن مثال قرار ڏنو پيو وڃي۔ان موقعي تي اسد اقبال بلوچ چيو ته هو پنهنجي تعليم کي انسانيت جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ جو عزم رکي ٿو۔ عوام سندس وڌيڪ ڪاميابين ۽ ترقي لاءِ نيڪ تمنائن ۽ دعائن جو اظهار ڪيو آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ