اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير جو علائقو پپري بنيادي سهولتن کان محروم، رهواسي عذاب ۾ مبتلا

سنڌي خبرون 22nd Oct 2025 326 مناظر
ملير جو علائقو  پپري بنيادي سهولتن کان محروم، رهواسي عذاب ۾ مبتلا

روڊ تباهه حال بڻيل، گٽرن جو گندو پاڻي رستن تي ڪاهي پيو، انتظاميه غائب

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي پپري ۾ بنيادي ب سهولتن جي کوٽ سبب شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن علائقي جون گهٽيون، روڊ ۽ مک شاهراه ڪيترن مهينن کان گندي پاڻي ۽ ڪچري سان ڀريل آهن جڏهن تہ گٽرن ۽ نيڪالِ آب جو نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي علائقي واسين موجب گڏاپ ٽائون ۽ يو سي پپري لاءِ ڪروڙين رپين جو بجيٽ هجڻ باوجود ڪو به عملي ڪم نظر نٿو اچي۔ مين روڊ جو حال خراب آهي، جتي هر هنڌ وڏا کڏا پيل آهن، جڏهن برساتي پاڻي ۽ گٽرن جي اٿلڻ سان حالتن ۾ وڌيڪ ابتري اچي ٿي مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته عيدو گوٺ ۾ پيور بلاڪ لڳائڻ جو ڪم ته جاري آهي، پر مين روڊ ۽ سامهون واري گليين جي مرمت ۽ صفائي کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي۔ انهن چيو ته گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي گهرن تائين پهچي ويو آهي، جنهن سان بدبوءِ، مڇرن ۽ بيمارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي پپري واسين ضلعي انتظاميا، گڊاپ ٽائون چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن کان فوري قدم کڻڻ ۽ علائقي جي صفائي ۽ روڊن جي بحالي جو مطالبو ڪيو آهي۔ شهري چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن حالتون بهتر نه ڪيون ويون ته هو احتجاج جو دائرو وڌائي ٽائون آفيس آڏو ڌرڻو ڏيندا۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ