منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير: جمعو ڳوٺ ۾ تعليمي سهولتن جي کوٽ، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪرڻ جو مطالبو

سنڌي خبرون 21st Sep 2026 4 مناظر
ملير: جمعو ڳوٺ ۾ تعليمي سهولتن جي کوٽ، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪرڻ جو مطالبو

سنڌي ادبي سنگت ملير جي گڏجاڻي، جديد تعليم ۽ AI بابت نوجوانن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ تي زور

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير پاران ڪراچي جي سمنڊ ڪناري تاريخي جمع ڳوٺ ۾ نوجوان شاعر محمد حنيف گلڙي جي ميزباني هيٺ ”تعليمي شعور“ جي عنوان سان گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت قومي عوامي شاعر سيد غفور شاهه تقويٰ ڪئي، جڏهن ته ڪارروائي سيڪريٽري مجيب سنڌي هلائي.صدارتي خطاب ۾ سيد غفور شاهه تقويٰ چيو ته تعليم انسان جي ٽين اک آهي، پر پنج هزار گهرن تي ٻڌل جمع ڳوٺ ۾ تعليمي سهولتن جي کوٽ افسوسناڪ آهي، جتي صرف هڪ پرائمري اسڪول موجود آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح جون تعليمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.مجيب سنڌي چيو ته ٻهراڙين ۾ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ مهم جي ضرورت آهي. قمبر ٻٽ چيو ته جديد دور ۾ ڪمپيوٽر، مصنوعي ذهانت ۽ فني تعليم تي به ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. محمد حنيف گلڙي هائير سيڪنڊري گرلز ۽ بوائز اسڪول قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته علي اڪبر ڪلمتي چيو ته ڳوٺ ۾ موجود هاءِ اسڪول جي عمارت عملي جي کوٽ سبب زبون حال ٿي وئي آهي. محمد حيات گلڙي تعليم سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.گڏجاڻي ۾ سڪندر سرواڻ ڪالم ڪهاڻي پيش ڪئي، جڏهن ته اصغر مهرائي، حنيف گلڙي، مجيب سنڌي ۽ سيد غفور شاهه تقويٰ پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي. ان موقعي تي عبدالمجيد، گلزار احمد، محمد اعظم، ارباب علي، غلام مرتضيٰ، پنجايو ڪلمتي، محمد طيب، غلام محمد، علي اڪبر، رياض احمد ۽ امير محمد سميت شاعرن، اديبن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ميزبان محمد حنيف گلڙي مهمان شاعرن کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ