ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

معذور اڳواڻ عابد لاشاري جي گھرواري سائرھ لاشاري بھ اليڪشن لاءِ فارم جمع ڪرائي ڇڏيو

سنڌي خبرون 24th Dec 2023 367 مناظر

معذور اڳواڻ عابد لاشاري جي گھرواري سائرھ لاشاري بھ اليڪشن لاءِ فارم جمع ڪرائي ڇڏيو

نوابشاھ(ڊ ر) معذور اڳواڻ عابد لاشاري جي زال سماج سڌارڪ سائره عابد لاشاري عورتن جي صوبائي مخصوص سيٽ تي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي ڳالھائيندي سائره لاشاري چيو ته سياسي جماعتن کي عورتن جي 33 سيڪڙو مخصوص سيٽون ڊويزن سطح تي برابري جي بنيادن تي بنا شھري ۽ ٻھراڙي جي فرق تي ورھائڻ گھرجن، جيئن ھيٺين سطح جي سرگرم ڪارڪن عورتن کي پارليماني نظام جو حصو بڻجڻ جو موقعو ملي سگھي. ھن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کان اميد جو اظھار ڪندي چيو ته پاڪستان پپلز پارٽي مقامي سماجي و سياسي عمل ۾ مشغول عورتن کي پارليماني نظام جو حصو بڻجڻ لاءِ موقعو ضرور فراهم ڪندو. سائره لاشاري وڌيڪ چيو ته ساڻس سياست ۾ اچڻ جو مقصد پٺتي پيل طبقي جي حقيقي نمائندگي ڪرڻ جنھن ۾ خاص طور معذور ۽ خواجه سرا جي سياسي ۽ انتخابي عمل ۾ سندن شموليت کي ھٿي ڏيڻ، عورتن جي سياست ۽ فيصلہ ساز عمل ۾ عملي شموليت کي يقيني بڻائڻ آھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ