پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

لکي غلام شاهہ تعلقه پريس ڪلب (رجسٽرڊ) جو اجلاس ٿي گذريو

سنڌي خبرون 01st Oct 2025 157 مناظر
لکي غلام شاهہ تعلقه پريس ڪلب (رجسٽرڊ) جو اجلاس ٿي گذريو

اجلاس جي صدارت گوگي رام ۽ سينيئر نائب صدر نظيرحسين ميمڻ ڪئي

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور جي لکي غلام شاهہ تعلقه پريس ڪلب (رجسٽرڊ) لکي غلام شاھہ جي جنرل سيڪريٽري گوگي رام ۽ سينيئر نائب صدر نظيرحسين ميمڻ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي گذري گڏجاڻي ۾ تعلقه پريس ڪلب لکي غلام شاهہ جي صحافين شرڪت ڪئي جن ۾ گوگي رام، نظيرحسين ميمڻ، عبدالحق سيٺار، محمد صديق شر، غلام ياسين پيرزادو، فراز عباس ميمڻ، نثاراحمد منگي، عادل عجيب ميمڻ، سڪندرعلي جوڳي، نريش ڪمار بيڊلان شرڪت ڪئي ڪراچي ۾ نامعلوم ھٿياربندن ھٿان شھيد ٿيل اينڪرپرسن سينيئر صحافي امتياز مير، جي حوالي سان تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ شھيد جي بلند درجات لاء دعا پڻ گهري وئي ۽ گڏجاڻي ۾ دوستن جي متفق راء سان فيصلو ڪيو ويو ته شاھي بازار لکي غلام شاهہ شهر جي علي مسجد کان 6 آڪٽوبر سومر جي ڏينھن ريلي ڪڍي ويندي جيڪا تعلقه پريس ڪلب( رجسٽرڊ) لکي غلام شاھہ جي بس اسٽينڊ تي پهچندي جتي اڳواڻ خطاب ڪندا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ