اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

لطيف لا ڪاليج نوشھروفيروز ۾ 2019 جي بينچ پاس آئوٽ شاگردن پاران پروگرام منعقد

سنڌي خبرون 25th Jun 2025 151 مناظر
لطيف لا ڪاليج نوشھروفيروز ۾ 2019 جي بينچ پاس آئوٽ شاگردن پاران پروگرام منعقد
نوشهروفيروز (ڊ ر) شاھ عبدللطيف لا ڪاليج نوشھرو فيروز ۾ 2019 جي بينچ پاس آئوٽ ٿيڻ خوشيءَ ۾ ھڪ فيرويل پارٽي ۽ پروگرام ڪيو ويو ان موقعي تي شاگردن کي مخاطب ٿيندي ڪاليج جي پرنسپال نذير احمد سهتو چيو ته شاگردن جو ڪم اتي پورو نه ٿو ٿئي پر ڊگري ملڻ کان پوءِ سندن اصل زندگي جو پيرڊ شروع ٿئي ٿو هڪ ته وڪيل کي محنت جي ضرورت آهي ۽ ٻيو وري پنهنجي پروفيشن سان سچائي لازمي آهي هن چيو ته ڪورٽ ۾ وڃڻ کان اڳ توهان کي پهريان ان ڪيس کي هڪ دفعو نه پر ٻه ٽي دفعا پڙهڻ گهرجي ته جيئن توهان جي محنت رائيگان نه وڃي ۽ توهان جو ڪلائينٽ توهان جي محنت مان خوش ٿي وڃي وڪالت ان جو نالو ناهي ته رڳي ڊگري ملي ۽ فائل ڪڇ ۾ کنيو پر حق سچ جو نالو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ