پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

لاڙڪاڻي کي 90-90 ارب ۽ 2-2 سئو ارب به مليا، ايترن پئسن سان تھ شھر سون ٿي وڃي: مبين جماڻي

سنڌي خبرون 26th Sep 2023 458 مناظر

لاڙڪاڻي کي ايڏا پئسا مليا جو سڄو شهر سون ٿي وڃي ها، نگران وزير مبين جماڻي

لاڙڪاڻو(بيورو)لاڙڪاڻي کي ايڏا پئسا مليا جو سڄو شهر سون ٿي وڃي ها، اڳوڻي دور ۾ لاڙڪاڻي کي 90-90 ارب ۽ 2-2 سئو ارب به مليا، ايڏا پئسا سکر کي به نه مليا: مڪاني ادارن واري نگران وزير مبين جماڻي جون لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهيون، مبين جماڻي چيو ته لاڙڪاڻي کي مليل اربين روپيا خرچ نه ٿيڻ تي هتان جي سياستدانن کي ڳالهائڻ گهرجي ها، لاڙڪاڻي جون سموريون يونين ڪميٽيز خساري ۾ آهن، شهر جي هر ٽائون ڪميٽي ۾ 3 سئو کان وڌيڪ ملازم آهن، ميونسپل ڪارپوريشن ۾ 6 سئو کان وڌيڪ ملازم آهن، لوڪل گورنمينٽ جا آفيسر دل تي هٿ رکي ٻڌائين ته ڇا هو انهن سمورن ملازمن کي سڃاڻن ٿا؟ مڪاني ادارن جي گوسڙو ملازمن کان 5 کان 8 هزار روپيا ماهوار رشوت ورتي وڃي ٿي، ملازمن جي بايوميٽرڪ ڪرائي اهو مسئلو حل ڪنداسين
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ