ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 11th Jan 2026 279 مناظر
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻو پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري موجب پوليس ڳيريلو ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي دوران بدنام ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي مارجي ويو، مارجي ويل ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي تي 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن مارجي ويل ڏوهاري تي سرڪار پاران 25 لک رپيا انعام پڻ رکيل هو ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي ڪجهه ڏينهن اڳ مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري ساٿي جتوئي جو سئوٽ هو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ