جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

قومي عوامي تحريڪ ڪنڌڪوٽ ڪشمور پاران بدامني، قبيلائي دهشتگردي ۽ اجمل ساوند جي قتل خلاف ريلي

سنڌي خبرون 28th Apr 2023 39 مناظر

ھزارين ماڻھن گھنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ڪنڌڪوٽ ڪشمور پاران ضلعي ۾ اغوا، ڌاڙن، عورتن ۽ معصوم ٻارن جي اغوا، قبيلائي دھشتگردي ۽ ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل خلاف مرڪزي نائب صدر اصلا ح بھلڪاڻي، فدا محمداڻي، سجاد بروھي، شعيب ڊومڪي، اعجاز بجاراڻي، رحمت الله ڇڄڻ، ظمير چنا، ڊاڪٽر قدرت الله باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻھن گھنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو، شھرين ۽ واپارين مارچ تي گلن جي ورکا ڪئي، مارچ ۾ شامل ماڻهن امن جي بحالي لاء ۽انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ھي دھشتگردي بند ڪريو، ھي غنڊا گردي بند ڪريو، ھي ماڻھون مارڻ بند ڪريو، شھر اجاڙڻ بند ڪريو، ڪشمور ضلعي جو امن بحال ڪيو، ڊاڪٽر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪريو، معصوم نازيا ۽ ڪوثر کي آزاد ڪريو، جي نعريبازي ڪئي. مارچ شھر جي مختلف رستن شاھي بازار، ميڊيڪل مارڪيٽ، سونارڪي بازار کان ٿيندو پريس ڪلب پھتو تہ جتي ھڪ وڏي جلسي جي شڪل اختيار ڪري ويو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ارصلاح بھلڪاڻي خطاب ڪندي چيو تہ سرداري ۽ جاگرداري نظام ذريعي سنڌ کي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. فرسوده ۽ بدبودار سرداري ۽ جاگيرداري نظام ذريعي سنڌ جي اقتدار تي قابض رھي وسيلن جا سودا ڪيا وڃن ٿا. عورتن ۽ انساني حقن کي چيڀاٽيو ۽ لتاڙيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي قاتل ۽ ظالم سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي سرپرست آھي. ڪندڪوٽ ڪشمور مان روزانو ماڻھو اغوا ٿين ٿا ۽ ٻين ضلعن مان ماڻھو اغوا ڪري آندا وڃن ٿا. اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آھي. فدا محمداڻي چيو تہ سنڌ ۾ قتل، اغوا، ڌاڙا، ڦرون ۽ ٻيا ڏوھ وڌي ويا آھن۔ ڪرپٽ حڪمرانن عوام کي ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي، ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي، شڪارپور، خيرپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ٻين ضلعن مان ڪيترائي ماڻھو اغوا ٿي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن۔ سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامي جي ڪري سنڌ ۾ بدامني ٻيھر وڌي وئي آهي. ماڻهو اغوا ٿي رھيا آھن، قتل جا واقعا وڌي رھيا آھن، قبيلائي دھشتگردي جي واقعن مان لڳي ٿو تہ ھتي قانون نالي ڪا بہ شئي ناهي، سنڌ حڪومت تماشائي بڻيل آهي. حڪمران عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ بدران ڏوھارين جا سرپرست بڻيل آهن. سجاد بروھي چيو تہ جاگيرداري ۽ سرداري نظام ظلم، بربريت، دھشتگردي جو ٻيو نالو آھي۔ جنھن ۾ نياڻيون اغوا ڪري انھن جا زبردستي مذھب تبديل ڪري جبري شاديون ڪرايون وڃن ٿيون۔ اغوا، ڦر ۽ ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا، ھر ڏينھن ڪو نہ ڪو ماڻھو اغوا ٿي وڃي ٿو ۽ اھو ڀنگ ڀري بازياب ٿئي ٿو. ڪچي ۾ پوليس کان وڌيڪ طاقتور ڌاڙيل آھن جن وٽ جديد ھٿيار آھن. ڌاڙيل پوليس جوانن کي شھيد ڪري رھيا آھن. حڪومت ٻڌائي تہ ڌاڙيلن وٽ اھي ھٿيار ڪيئن آيا. ڪنھن پھچايا. ڌاڙيلن تائين ھٿيار پھچڻ حڪومتي جي ناڪامي آھي. حڪمرانن کي پنھنجي نااھلي ۽ ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ گھرجي. شعيب ڊومڪي چيو تہ دادو، ڪشمورڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، گھوٽڪي خيرپور ۽ ٻين ضلعن جا ڪافي ماڻھو ڏوھارين وٽ يرغمال آهن. سنڌ ۾ خاص ڪري ڪنڌڪوٽ ۾ لاقانونيت، بدامني، ڦرون، ڌاڙا عروج تي آهن ۽ ڀنگ لاء ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو۔ پوليس جاني ۽ مالي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، سنڌ جو عوام غلامي مان نجات لاء جدوجھد جي ميدان تي اچي. اعجاز بجاراڻي چيو تہ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي خونن، ڌاڙن، اغوائن، ٻوڙائڻ، پنائڻ، بدامني، لاقانونيت، منشيات، ڪرپشن ۽ خودڪشين کان سواء ٻيو ڇا ڏنو آھي. پيپلز پارٽي خوني قيبلائي نظام جي سرپرستي ڪري رھي آھي۔ قانون جي حڪمراني نہ ھجڻ ڪري قبيلائي دھشتگردي جو راڄ آھي۔ معمولي ڳالھين ۽ انتقام خاطر وڏي خوني جنگ شروع ٿيو وڃي۔ جنھن ڪري ھزارين خاندان تباھ ٿي ويا آھن۔ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي۔ تڪرار وارن ضلعن ۾ تعليمي نظام درھم برھم آھي۔ بيروزگاري ۽ بدحالي جي ڪري ڏوھن جو راڄ آھي۔ رحمت الله ڇڄڻ چيو تہ سنڌ حڪومت نٿي چاھي تہ سنڌ مان قبيلائي دھشتگردي ۽ ڏوھن جو خاتمو ٿئي۔ پنھنجن پسند جي ماڻھن کي طاقتور بنائي لکين ماڻھن کي يرغمال بنايو ويو آھي۔ وزيرن، سردارن ۽ وڏيرن جي مرضي جا ايس ايس پيز مقرر آھن۔ پوليس آزاد ناھي۔ انھن کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي۔ عدالتي پابندي باوجود پنھنجي سياسي ۽ اقتداري مفادن لاء جرڳائي نظام کي مضبوط ڪيو ويو آھي۔ قبيلائي تڪرارن کي قانون ذريعي ٻنجو ڏيڻ بدران سردارن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ سان قتلام اڃا وڌندا۔ ظمير چنا چيو تہ قبيلائي دھشتگردي ۾ ملوث ماڻھن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔ جرڳائي نظام خلاف عدالتي فيصلي تي عمل ڪري جرڳن تي پابندي لڳائي وڃي۔ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي۔ ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪري انھن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ قانوني جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي. ڊاڪٽر قدرتﷲ باجڪاڻي چيو تہ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناھي۔ غريب، مزدور ۽ ھاري بنيادي انساني حقن کان محروم آھن۔ جيڪو جيترو طاقتور آھي اھو ايترو ئي قانون ۽ عدالتن کان مٿانھون آھي۔ زرداري مافيا ٽولي سنڌ کي ڪرپشن ۽ لٽمار جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. مارچ ۾ ايس يو پي،ايس ٽي پي، جماعت اسلامي، جسقم جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ