جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خلاف اڄ ٽنڊو محمد خان ۾ پيادل مارچ ڪندي

سنڌي خبرون 13th Sep 2023 358 مناظر

پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ، آدمشماري، مھانگائي ڪرپشن خلاف پيادل مارچ ٿيندو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ڄاڻايو آهي تہ قومي عوامي تحريڪ ٽنڊو محمد خان ضلعي پاران ڪوڙي ڊجيٽل آدمشماري، مھنگائي، ڪرپشن،بدامني ۽ لاقانونيت خلاف پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابي، شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قومي عوامي تحريڪ ٽنڊو محمد خان ضلعي پاران خميس جي ڏينهن اڄ منجھند 2 وڳي ڊي سي ٽنڊو محمد خان کان ايوبيہ ھوٽل ٽنڊو محمد خان تائين قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو جنھن ۾ سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪندا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ