ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

قاضي احمد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ ۾ نوجوان قتل ۽ ناري مرڻينگ

سنڌي خبرون 31st May 2023 40 مناظر

جوابدار جي فائرنگ ۾ سندس زال مرڻينگ، ٽريڪٽر ڊرائيور مارجي ويو

قاضي حمد: فقير عبدالنبي راهو ڪالوني ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ جوابدار طالب ماڇي گوليون ھڻي پنهنجي زال چئن ٻارن جي ماءُ 25 ورهين جي بختاور ماڇي ۽ ٽريڪٽر ڊائيور ڳوٺ خير شاھ واسي 22 سالا نوجوان نديم ماڇي کي زخمي ڪيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي تعلقا اسپتال قاضي احمد مبتقل ڪيو جتي نديم ماڇي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏھن ته مڙس هٿان زخمي ٿيل عورت کي انتھائي ڳڻتي جوڳي ۡحالت ۾ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي پوليس موقعي واري هنڌ تان قتل ۾ ملوث ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ