اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

قاضي احمد ڀرسان يونيورسٽي جي پوائنٽ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 19 زخمي

سنڌي خبرون 25th Jan 2024 316 مناظر

قاضي احمد ڀرسان يونيورسٽي جي پوائنٽ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 19 زخمي

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد ويجهو نواب شاھ / قاضي احمد لنڪ روڊ تي ڳوٺ سوائي راھو وٽ ڪوھيڙي سبب ڌنڌ ھجڻ جي نتيجي ۾ شھيد بينظير يونيورسٽي جي دولتپور مان شاگرد کڻي ويندڙ پوائنٽ بس ۽ نواب شاھ کان مورو ڏانهن ويندڙ مسافر وين جي وچ ۾ زور دار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ شاگرد شاگردياڻين ۽ وين جي مسافرن سميت 19 کان وڌيڪ زخمي هڪ مورو واسڻ ٽيچر قرت العين فاطمه قاضي احمد واسي دادن عمراڻي ۽ صفدر علي سميت 3 ڄڻا واقعي واري ھنڌ تي فوت ٿي ويا جڏھن ٻن فوتين جا لاش نواب شاھ ۽ ھڪ عورت جو لاش قاضي احمد منتقل ڪيو ويو زخمين ۾سھيل احمد محمد حارس ذاڪر حسين لائق حسين عبدالرشيد صفدر علي پرويز رياض حسين صاحب راحب صدام محبوب سڪندر علي گل شير ساجد امان الله صغران خاتون سميت ٻيا شامل آھن ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتل آھن وڌيڪ زخمين کي تعلقا اسپتال قاضي احمد آندو ويو ٻڌايو پيو وڃي ته نواب شاۡھ واسي فوتي عورت مورو گرلس هاء اسڪول ۾ پڙھائيندي هوئي جيڪا وين ۾ سوار ٿي ڊيوٽي تي وڃي رهي هوئي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ