ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

قاضي احمد ويجهو اغوا ٿيل ٺارو شاهه واسي سومر لاڙڪ بازياب نه ٿيو

سنڌي خبرون 02nd Oct 2023 43 مناظر

48ڏينهن اڳ سومر لاڙڪ کي سندس پيءُ آڏو اغوا ڪيو ويو هو

قاضي احمد پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ عمرجوڻو وٽان اڻڄاتل ھٿياربندن ھٿان پيُ جي سامهون ڦر لٽ ڪرڻ بعد اغوا ٿي ڪيل ٺاروشاھ واسي مغوي سومر لاڙڪ 48 ھين ڏينهن به بازياب ناهي ٿي سگهيو قاضي احمد پوليس مغوي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ھٿياربندن مغوي سومر لاڙڪ کي پنهنجي ڪار ۾ سوار ٿي پيُ سان گڏ نواب شاھ کان مشائخ اسٽاپ تي پئي ويو ته ڪار ۾ سوار 4 اڻڄاتل هٿياربندن کيس پيُ رٽائر تپيدار عمر لاڙڪ اڳيان کيس اغوا ڪيو هو اھڙو ڪيس پڻ ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو پوليس مختلف ھنڌن تي چڙھايون ڪري ڇاپا هڻي شق جي بنيادن تي وڏي انگ ۾ ماڻھن جي ٻڌ ڇوڙ ڪئي پر هٿيار بند اغوا ڪيل مغوي کي آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب مغوي جا وارث سخت پريشان آھن وارثن اپيل ڪئي آھي ته فوري طور تي مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ