اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي اهم گڏجاڻي ٿي گذري

سنڌي خبرون 31st May 2026 221 مناظر
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي اهم گڏجاڻي ٿي گذري
ٺٽو( شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي هڪ اهم گڏجاڻي صدر بلاول سمون جي صدارت هيٺ منعقد ٿي۔ گڏجاڻي جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ مختلف تنظيمي ۽ صحافتي معاملن تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا۔ ان موقعي تي صدر بلاول سمون پريس ڪلب جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو علائقي جي مسئلن، عوامي ڀلائي جي سرگرمين ۽ اهم واقعن جي بروقت ۽ ذميواراڻي ڪوريج کي يقيني بڻائين۔ هن صحافتي ذميوارين کي ايمانداري ۽ پيشاورانه انداز ۾ نڀائڻ تي زور ڏيندي چيو ته صحافت عوام جي آواز آهي، تنهن ڪري هر ميمبر پنهنجي فرضن کي بهتر نموني انجام ڏئي۔ گڏجاڻي ۾ پريس ڪلب جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ صحافين جي گڏيل سهڪار بابت پڻ اهم فيصلا ڪيا ويا۔ ميمبرن تنظيم جي مضبوطی ۽ صحافتي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ