ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ويجهو ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

سنڌي خبرون 12th Nov 2024 133 مناظر
عمرڪوٽ ويجهو ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

فوت ٿيلن ۾ غلام مصطفيٰ ڪلوئي ۽ سريش ڪمار شامل

عمرڪوٽ(ڊ ر) ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻہ ڄڻا فوت ٿي ويا، عمرڪوٽ گجو راڻو اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ پنڌ واٽ ويندڙ پورهيت غلام مصطفيٰ ڪلوئي موٽرسائيڪل جو ڌڪ لڳڻ سبب تڏي تي فوت ٿي ويو ڇاڇرو روڊ تي واٽر ٽينڪر کي ڪراس ڪندي تيز رفتار رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب رڪشا ۾ سوار سريش ڪمار تڏي تي فوت ٿي ويو عمرڪوٽ فوتين جا مڙه اسپتال پهچايا ويا ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي گهرن ۾ ڪهرام متل فوتي سريش ڪمار سوٽهڙ بجير پاڙي عمرڪوٽ جو ۽ فوتي غلام مصطفي ڪلوئي پٿورو شهر جا رهواسي هئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ