پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران پبلڪ لائبريرين جا دورا

سنڌي خبرون 24th Oct 2024 251 مناظر
عمرڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران پبلڪ لائبريرين جا دورا

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ سامارو ۽ پٿورو جي لائبريرين جا دورا ڪيا

عمرڪوٽ (ڊ ر) سنڌ ھاء ڪورٽ جي ھدايتن تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران تعلقي سامارو جي شاھ عبداللطيف ڀٽائي پبلڪ لائبرري ۽ پٿورو تعلقو جي لائبريري جو دورو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران لائبريري جي انفراسٽرڪچر جو بھتر نہ ھجڻ ۽ صفائي سٿرائي نہ ھجڻ ڪري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ھن انتظاميه کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو ته لائبريري جي انفراسٽرڪچر کي بھتر ڪري صفائي سٿرائي جي نظام کي يقيني بڻايو وڃي، ھن چيو ته لائبريرين ۾ ايندڙ شاگردن کي پرسڪون ۽ بھتر ماحول فراهم ڪيو وڃي تہ جيئين اھي آساني سان ڪتابن جو مطالعو ڪري سگھن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ