عمرڪوٽ جي ماروي گرائونڊ تي ڪرڪيٽ جا مقابلا جاري
جيم خانه ڪراچي ڪلب اي ڪي ڪلب کي شڪست ڏئي ڇڏي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ ھلندڙ آل سنڌ ۽ پاڪستان قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ جيم خانہ ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ پھرين بيٽنگ ڪندي 328 رنسن جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو، جنهن ۾ بھترين بيٽنگ ڪندي ذاڪر ملڪ 113 رنسون ۽ دلاور 70 رنسون ٺاھيون، جيم خانہ ڪرڪيٽ ڪلب جي شاندار ڪارڪردگيءَ جي بدولت اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ جو اسڪور صرف 215 رنسن تي آل آئوٽ ٿي ويو ۽ انھيءَ سان جيم خانہ ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ سيمي فائينل کٽي ميگا فائينل ۾ پهچي ويو، 5 جنوري تي فائينل ميگا ايونٽ کيڏيو ويندو ۽ مين آف دي ميچ ايورڊ آرگنائيزر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ سيڪريٽري المهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب رسول بخش رحيمداڻي ذاڪر ملڪ کي ڏنو، جڏھن تہ اڄ ڀاڻ سعيد آباد ۾ عبداللہ شاه ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ ڊفنس ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ جي وچ ۾ ٻيو سيمي فائينل کيڏيو ويندو، ٻي طرف سُڀاڻي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو سابق ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر راشد لطيف ۽ محمد سميع ۽ پاڪستان اي جو سپر اسٽار سليمان ڀنڀرو جنھن جو تعلق عمرڪوٽ سان آھي اھي ماروي گراؤنڊ ۾ ايندا، ايندڙ سيمي فائينل ۽ فائينل ڪرڪيٽ شائقين لاءِ دلچسپ ۽ جوش جو ڀرپور موقعو بڻجي رهيو آهي، جتي شاندار ڪرڪيٽ جي اننگز ۽ مقابلا ڏسڻ لاءِ مداحن جو جوش عروج تي آهي.