پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

صوبائي وزير علي حسن زرداري جي صحافي قاصر چانڊيو جي وڇوري تي تعزيت

سنڌي خبرون 19th May 2026 210 مناظر
صوبائي وزير علي حسن زرداري جي صحافي قاصر چانڊيو جي وڇوري تي تعزيت

قاصر چانڊيو نه رڳو هڪ صحافي پر منهنجو ويجهو ڀاءُ ۽ دوست هو سندس وڇوڙي تي صدمو رسيو آھي: علي حسن زرداري

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ورڪس سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ور شھر پهچي ٺٽي جي سينيئر صحافي ڪالم نگار نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي ميمبر قاصر چانڊيو جي وڇوڙي تي سندس پونئيرن سان عذر خواهي ڪري ڏک ونڍيو ۽ چيو ته قاصر چانڊيو نه رڳو هڪ صحافي پر منهنجو ويجهو ڀاءُ ۽ دوست هو سندس اوچتي وڇوڙي تي مونکي به وڌيڪ صدمو رسيو آھي الله پاڪ کان دعا آھي ته سندس درجات بلند ٿين هر ڪنھن کي پنهنجي ابدي زندگي ڏانهن وڃڻو آھي ان لاء تياري ڪرڻ گهرجي. هن قاصر چانڊيو جي ڀاءُ محمد نواز چانڊيو ڀائيٽي مرتضي چانڊيو فرزند امتياز چانڊيو ساحل چانڊيو مختيار چانڊيو ۽ ٻين وارثن سان ڏک ونڍيندي چيو ته هُو هن ڏکويل گهڙي ۾ ساڻن گڏ آھي کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو ۽ سندن سرپرستي جاري رکي ويندي. اُن موقعي تي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور پ پ اڳواڻ عبدالطيف ميمڻ ٽائون چيئرمين گهوڙاٻاري رمضان پنهور نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جو صدر محبوب بروهي سرپرست ذوالفقار ميمڻ صحافي علي گوهر قمبراڻي امداد بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ