اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

صوبائي وزير شاهينا شير علي پاران ڊي سي ملير سان گڏ يوسي مظفرآباد جو دورو

سنڌي خبرون 16th Oct 2025 411 مناظر
صوبائي وزير شاهينا شير علي پاران ڊي سي ملير سان گڏ يوسي مظفرآباد جو دورو

شاهينا شير علي دوري دوران پوليو مهم جو جائزو ورتو، ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين سان به ملاقات ڪئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو سان گڏ يو سي مظفرآباد، ملير جو دورو ڪيو ۽ انسداد پوليو مهم جو جائزو ورتو۔ صوبائي وزير انهن والدين سان به ملاقات ڪئي جيڪي پنهنجن ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارڻ کان انڪاري هئا، جن سان ڳالهائي کين قائل ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي موجودگي ۾ ٻارن کي قطرا پياريا، اهڙيءَ ريت مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو۔ ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو، صوبائي وزير شاهينه شير علي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اڃا تائين مهم جا نتيجا اطمينان بخش آهن، ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي جون ٽيمون هر ٻار تائين پوليو ويڪسين پهچائڻ لاءِ پوري جدوجهد سان ڪم ڪري رهيون آهن۔ ٻئي پاسي صوبائي وزير شاهينه شير علي مقامي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ سان گڏ يو سي چشمہ ڳوٺ، ابراهيم حيدري ٽائون جو به دورو ڪيو ۽ پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ طرفان لڳايل فلاحي ڪيمپ جو معائنو ڪيو۔ هن ڪيمپ ۾ مهيا ڪيل دوائن ۽ ٻين سهولتن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو۔ ان موقعي تي صوبائي وزير شاهينه شير علي چيو ته پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جون هيءَ ڪوششون عوام کي بنيادي صحت، آگاهي ۽ فلاحي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، جڏهن ته حڪومت سنڌ وڌيڪ عوام دوست منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ