ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

صحافي سرفراز عباسي تي حملي جا جوابدار گرفتار نھ ٿيڻ خلاف مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا

سنڌي خبرون 05th Oct 2023 65 مناظر

يوسف عارفاڻي ڳوٺ ۾ صحافي سرفراز عباسي ۽ سندس مائٽن جي مٿان بااثر پاران ڪرايل حملي جو ڪيس داخل ھجڻ باوجود پوليس ڪاروائي نھ ڪئي

ڪراچي ( رپورٽر) ملير جي پوليس سينيئر صحافي سرفراز عباسي تي حملي جا جوابدار گرفتار نه ڪيا، واقعي خلاف مختلف شهرن جي صحافين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن، ڪجهه ڏينهن پهرين ڪراچي جي سينيئرصحافي سرفراز عباسي ۽ سندس مائٽن تي حملو ڪري کين زخمي ڪيو ويو هو جنهن جو ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ متاثر ڌر مٿان به ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته صحافي ۽ سندس مائٽن تي حملو ڪندڙ جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جوابدارن پاران ٻيهر صحافي تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش، پوليس بي وس بڻيل، صحافتي تنظيمن سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو چتاءِ ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب 4 ڏينهن اڳ ملير جي علائقي يوسف عارفاڻي ڳوٺ ۾ صحافي سرفراز عباسي ۽ سندس مائٽن جي مٿان بااثر وڏيري ربنواز عارفاڻي جي ڇاڙتن پاران حملو ڪيو ويو هو جڏهن ته داخل ڪيس واپس نه ٿيڻ تي جوابدارن ٻيهر به حملي جي ڪوشش ڪئي، واقعي جي ايف آءِ آر شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي داخل پڻ ڪرائي وئي هئي پر 4 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس اڃا تائين جوابدار گرفتار ڪرڻ کان لاچار بڻيل آهي جڏهن ته جوابدار جن جا نالا ايف آءِ آر ۾ آهن اهي سرعام ڳوٺ ۾ گهمي رهيا آهن پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ کان بيوس بڻيل آهي . جڏهن ته اهڙي صورتحال سبب صحافي برادري ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي صحافي برادري چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن سنڌ پوليس خاص طور تي ملير ضلعي جي ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس نه ورتو ۽ جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.ٻئي پاسي مختلف شهرن ۾ صحافين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته صحافي سرفراز عباسي مٿان ٿيل حملي جي بااثرن کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويندو، هنن چيو ته پوري سنڌ ۾ صحافين کي پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جنهن ڪري بااثر مختلف شهرن جي صحافين کي حراسان ڪري رهيا آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ